ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ??اد?? پنهنجي روس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقت??اد?? لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز ??اد?? اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز ??اد?? ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي اسٽيٽ ڊوما ۽ پاڪستان جي قو??ي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اهم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز ??اد?? اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي روس جي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسپيڪر جي دعوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ڊوما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين اسٽيٽ ڊوما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.