لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام ??ان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين ??ان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين ??ان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ انهن ??ان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيلي فورسز غزه ?? هزارين ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرائيلي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي ??ان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي ع??لمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.