اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) صدرمملڪت آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو ??ظه??ر ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پوليس ۽ رينجرز تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذ??ت ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندان?? سان تعزيت جو ??ظه??ر ڪيو. صدر مملڪت شهيد اهلڪارن جي بلند درجن ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پ?? ڪئي.