اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انقره ۾ دهشتگرد حملي تي گهري ڏک ۽ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي ??وا?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته آئون دهشتگردي جي ان ڪڌي ڪارروائي جي شديد مذمت ڪريان ٿو. هن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي ??وا?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان ترڪيه جي پنهنجي ڀائرن ?? ڀينرن سان ي??جهتي جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم متاثر خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.