اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين س??اسي پارٽ??ن کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجهيل هونداسين ته پارليامينٽ جو وقار ??جر??ح ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳ??لهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق جمهوريت جي لاءِ فيبروري 2002ع ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳ??لهه ٻولهه شروع ٿي، ان کان اڳ اسان ??ي تلخ تاريخ رهي هئي، ٻنهي پارٽين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مئي 2005ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ٻين س??ورين س??اسي پارٽ??ن کي به دعوت ڏني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان دستاويز جي سڀني پارٽين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته پارليامينٽ جو وقار ??جر??ح ٿيندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا ته ضروري نه آهي ته هاڻي به جاري نه ٿين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي ??ي تائيد ڪري ٿو، اسان کي کليل دل سان ڏسڻ گهر??ي ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تائين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. اسان کي ڏسڻ گهر??ي ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ دهشتگردي ختم ٿي ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. اسان کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر جو استحقاق آهي، اسپيڪر سمورين پارٽين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏي ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪندي.