اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديليون زراعت جي روائتي طريقن تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. 2022ع جي ??وڏ سان 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، پاڪستان زرعي جنسن جي ??يداوار ۾ پهرين 10 ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو پر پيداواريت جي شرح ۾ گهٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي لاهور ۾ فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي قومي سيڪيورٽي ۽ ترقي جو اهم ٿنڀ آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح ارشد نديم گولڊ ميڊل کٽيو هو پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ امن سان گڏ پاليسين ۾ استحڪام ۽ تسلسل اڻٽر آهي، پاڪستان ايٽمي پروگرام ۾ معجزو ڪري ڏيکاريو هو ته هاڻي معاشي ميدان م به ڪري سگهي ٿو. ايٽمي پروگرام ۾ ڪاميابي، قيادت جي استحڪام، ميرٽ، ۽ انساني وسيلن جي ترقي حاصل ٿي، هن وقت اسان جنهن هنڌ موجود آهيون اسان کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته ڪيئن اڳيان وڌون. هن چيو ته اسان ماضي ۾ ويزن 2010ع، ويزن 2025 جهڙا شاندار پلان ٺاهي پر اهي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ٿيا، 5 ايز فريم ورڪ تحت 29-2024ع جي ??نج سالا ترقياتي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون، هاڻي غلطي، ڏڦيڙ ۽ فساد جي گنجائش ناهي. هن چيو ته اسان وٽ سمورا علم ۽ علاج موجود آهن پر اهي رپورٽن تائين محدود آهن. هاڻي عم?? ڪري علم ۽ عم?? جي خساري کي پورو ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته هڪ هزار زرعي ماهرن کي وزيراعظم جي ??دايت تي زراعت جي جديد طريقن ۾ عم??ي تربيت لاءِ چين موڪليو پيووڃي.