اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ع??ام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغي منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ان موقع?? تي بلوچستان صوبي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ع??ام جي ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، بلوچستان جي معدني ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان چاغي منرل لنگهه جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، چاغي منرل لنگهه ۾ ڪيترائي منصوبا غور هيٺ آهن. هن چيو ته چاغي ۽ ڀرپاسي جي ع??ائقن جي معدني ذخيرن جي گوادر بندرگاهه تائين پهچ ممڪن بڻائڻ جي لاءِ چاغي کان گوادر تائين ريلوي لائين تعمير ڪ??ي ويندي، چاغي ۾ بجلي سپلائي جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان گرڊ اسٽيشن قائم ڪئي پ??ي وڃي جڏهن ته علائقي ۾ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي حوالي سان پڻ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ۽ ان حوالي سان عملي قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم کي نوڪنڊي شهر جي ترقي جي حوالي سان نوڪنڊي ماسٽر پلان جي حڪمت عمل?? تي بريفنگ ڏن??.