اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلمين جي ايم اين اي حميد حسين جي اڳواڻي ۾ ??رم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ??رم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪ??ون. محسن نقوي قيمتي انساني حياتين جي نقصان ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ز??مي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مسئلي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ??رم جي ٻنهي گروپن جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير بنگش ۽ ٻيا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.