اسلام آباد -22 جولاءِ (اي پي پي) او آءِ سي جي 25 هين عالمي آبي وسيلن، توانائي، خوراڪ ۽ ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس اڪيڊمي آف سائنسز اسلام آباد ۾ شروع ٿي وئي. عالمي اسلامڪ اڪيڊمي آف سائنسز جي صدر سميت 12 ملڪن جا سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا ??هن. اسلام آباد سائنس اڪيڊمي ۾ عالمي ڪانفرنس ورلڊ اسلامڪ اڪيڊمي جي سهڪار سان منعقد ڪئي پئي وڃي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان، ايس اي سي چيئرمين ۽ سينئر سائنسدان ڊاڪٽر عطا الرحمان به ڪانفرنس ۾ شريڪ ??هن. بنگلاديش، ملائيشيا، ارد??، لبنان سميت ٻين ملڪن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيا ??هن.اسلامڪ ورلڊ اڪيڊمي آف سائنس جي صدر پروفريسر عدنان باردن به ڪانفرنس کي ??طاب ڪيو، جڏهن ته پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيق ڪندڙ به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. سينيٽر شيري رحمان صدر مملڪت جي نمائندگي ڪندي افتتاحي خطاب ڪ??و. ??ن صدر مملڪت آصف علي زرداري جو پيغام پڙهي ٻڌا??و. ??ن چيو ته برساتن کان علاوه اسان ٻين ماحولياتي تبديلين جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. علائقائي ادارن جي صلاحيت کي وڌائڻو پوندو ته جيئن هو آفت کي ??وڪي سگهن. پاڪستان جي ماحولياتي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي اسان کي ??زيليئنس جي نئين سري سان وضاحت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته صرف انفراسٽرڪچر ئي رزيلئنس ناهي اسان کي ??زيلينس ۾ مقامي ماڻهن ۽ آبادين کي ??امل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي سمورن لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ گڏيل حڪمت عملي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. زمين اندر پاڻي جي سطح کي وڌائي پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسان موسمياتي تبديلي جي نقصانن تي ??اب??و آڻي سگهون ٿا.