اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪ??ٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم ع??يز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وزيراعظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪن??ينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري جي لاءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪن??ينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪن??رول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪ??ٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته ڪن??ينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ان مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وزيراعظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال بردار بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي.