اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوبن ۾ زرعي ٽيوب وليز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? صوبائي حڪومتن جي مشاورت ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سا?? جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائزيشن ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سا?? اجلاس ٿيو. ان ??وقعي تي ??ال??ائيندي وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي بجلي پيدا ڪرڻ جو سستو ترين ذريعو آهي انهي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ شمسي توانائي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان کانپوءِ سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? صوبن جي حڪومتن سا?? گڏجي آبادگارن جي خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. وزيراعظم صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي جي حوالي سا?? صوبائي حڪومتن سا?? مشاورت کانپوءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سا?? جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بجلي چوري جي حوالي سا?? توانائي واري وزارت سا?? تعاون ??ي وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي ساراهيو. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سا?? سمارٽ ميٽرنگ جو نظام متعارف ڪرائڻ ۽ ان حوالي سا?? جامع پلان ??يش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چئني صوبن جي بجلي جي هڪ هڪ ورڇ ڪندڙ ڪمپني کي سمارٽ ميٽرنگ جي حوالي سا?? ماڊل ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته بجلي جي بلن ۾ اوور بلنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. وزيراعظم کي زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي متنقلي ۽ بجلي چوري جي خاتمي تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊيزل سا?? هلندڙ زرعي ٽيوب ويلز کي ماحول دوست شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سا?? 2.7 ارب آمريڪي ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ سيپٽمبر 2023ع کان ??يستائين سڄي ملڪ ۾ 84366 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، 174562 ايف آءِ آرز داخل ٿيون، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي 456 ملازمن کي معطل ڪيو ويو ۽ 421460 ڪيسز فائيل ڪيا ويا، تازو ئي خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار هڪ سئو تيرنهن نوان ??يٽرز هنيا ويا ۽ اٽڪل 12 هزار ڪُنڍا هٽايا ويا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان ??غاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ (وڊيو لنڪ ذريعي)، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز پڻ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.