عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي وزير لارڊ طارق احمد سان ملاقات ??ئي. پرڏيهي آفيس م??جب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظاهر ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ان حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب و??يراعظم ۽ پرڏيهي وزير اينهانسڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ايس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برطانيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽر??ڪ تي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام ??ميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.