راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ج?? سرب??اه?? جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي جرمني پهچي ويو. جرمني جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمني جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج ج?? دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪي??. آ??مي چيف جرمني آرمي جي سرب??اه?? ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج ج?? دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪي??. آ??مي چيف وفاقي چانسلر جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون. جرمن قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج ج?? ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪ??انڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج ج?? ڪردار تي روشني وِجهن.