اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سا?? پاڪستان معاشي ا??تحڪام طرف گامزن آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين جو ڪريڊٽ پوري حڪومتي ٽيم کي وڃي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ مسلم ليگ (نواز) جي قومي ا??يمبلي ميمبرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم حڪومتي معاشي پاليسين، ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ سياسي صورتحال تي ميمبرن کي ا??تماد ۾ ورتو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. قومي ا??يمبلي ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معاشي ا??تحڪام جي لاءِ قدمن ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪي??. اجلاس ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سا?? پاڪستان معاشي ا??تحڪام طرف گامزن آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين جو ڪريڊٽ پوري حڪومتي ٽيم کي وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پورو اعتماد آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رکي ته پاڪستان جون معاشي حالتون انشاءَ الله جلد ٺيڪ ٿي وينديون، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچايون. وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ قومي ا??يمبلي ميمبرن جي ا??لاس ۾ شرڪت تي انهن جا ٿورا مڃيا.