اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف عالمي حصيدارن جي تعاون ۽ ملڪي ادارن جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چي?? آهي ته خطي مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون ضروري آهي، پوليو جي خاتمي جي مه?? ۾ ??صو وٺندڙ ٽيمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل ڊيولپمينٽ ڊويزن ۽ پوليو اوورسائيٽ بورڊ جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلائيس جي قيادت ۾ پوليو جي خاتمي جي عالمي قدمن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ صحت جي عالمي اداري جو ريجنل ڊائريڪٽر ايمر وريجن ڊاڪٽر حنان بلخي، ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر يونيسيف سنجي ويجيسيڪر، سينٽر فار ڊيزيز ڪنٽرول جي پوليو برانچ چي?? ڊاڪٽڙ اوموٽايو بولو، پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جو نمائندو ڊاڪٽر لوئوڊاپينگ، پاڪستان ۾ يونيسيف جو نمائندي عبدالله فاضل، صحت جي عالمي اداري جي پوليو جي خاتمي وارو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حامد جعفري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پوليو بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن مائيڪل گيلو شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو صحت بابت ڪوآرڊينيٽر مختار ملڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته پوليو هڪ موذي مرض آهي ۽ ان جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي جي لاءِ اسان پرعزم آهيون. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي جي عالمي قدمن سان پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ هڪ گڏيل همه گير آگاهي مهم هلائي وڃي. هن چي?? ته پوليو جي خاتمي جي مه?? ۾ ??امل سمورن ادارن جو احتساب ۽ ان عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، پوليو جي خاتمي جي مه?? ۾ ??صو وٺندڙ ويڪسي نيشن ٽيمن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم چي?? ته عالمي اقتصادي فورم دوران سعودي عرب پاران پوليو جي خاتمي جي عالمي قدمن جي لاءِ 500 ملين ڊالر جي عطيي جو اعلان خوش آئنده آهي. هن چي?? ته اسان انشاءَ الله تمام جلد عالمي حصيدارن جي تعاون ۽ ملڪي ادارن جي اڻٿڪ محنت سان پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، خطي مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تعاون ضروري آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. وفد پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي اميونائيزيشن جي قدمن ۾ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد جي ميمبرن چي?? ته پاڪستان ۾ پوليو جي موذي مرض جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ضروري فني مهارت ۽ قومي ۽ حڪومتي سطح تي مهم کي ڪامياب ڪرڻ جو عزم موجود آهي. ڊاڪٽر ڪرسٽوفر وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چي?? ته بل گيٽس توهان جي پنجاب جي وڏ وزارت ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کان تمام گهڻو متاثر آهي. وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي حوالي سان جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.