ايبٽ آ??اد – 25 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ايبٽ آ??اد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو و??اقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. و??ير??عظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پيار ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم شهيد جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پيش ڪيو. و??ير??عظم چيو ته اها امدادي ??قم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قرباني جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪومت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي.