اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ججز جي خط تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو ڪارروائي ڪري رهي آهي، خطن ۾ ملندڙ مشڪوڪ پائوڊر جي معاملي جي جاچ جاري آهي، ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، حڪومت پوري ذميواري ??ان جاچ ڪرائيندي، معاشي ترقي، غربت ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف ??ان هلندڙ مهيني اسٽينڊ بائي معاهدي جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملي ويندي، معاشي استحڪام جي لاءِ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو پروگرام ضروري آهي، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ ڪنسلٽنٽس هلندڙ مهيني مقرر ڪيا ويندا، پي آءِ اي جي نجڪاري شيڊيول موجب ٿيندي، چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ?? وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ??ان ملاقات جي روشني ۾ انڪوائري ڪميشن جي منظوري ڏني وئي. اڳوڻي چيف جسٽس تصدق جيلاني جي مشاورت ۽ رضامندي ??ان ان انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو پر بعد ۾ جسٽس تصدق حسين جيلاني ذميواري ادا ڪرڻ کا?? معذرت ڪري ورتي جنهن کا??پوءِ سپريم ڪورٽ ان معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ هاڻي اهو اعليٰ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ا??ان پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي هئي. وزيراعظم چيو ته مشڪوڪ پائوڊر ججز کي موڪلڻ جو معاملو پڻ سامهون آيو آهي. ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ ا??ان کي پنهنجي پوري ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اعليٰ عدليه پاڻ ان معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي. حڪومت ان معاملي ۾ مڪمل جاچ ڪرائيندي ته جيئن سموريون حقيقتون سامهون اچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وزارت، پيٽروليم واري وزارت، توانائي واري وزارت، زراعت ۽ آءِ ٽي وارين وزارتن سميت مختلف وزارتن جو تفصيلي اجلاس ٿيو آهي. خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو هڪ اهم ڪردار رهيو. ان تفصيلي اجلاس کا??پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي انهن وزارتن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو ته جيئن جيڪي انهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، انهن کي حل ڪري سگهجي ۽ معيشت پنهنجي پيرن تي بيهي. وزيراعظم چيو ته مهانگائي ۾ ترتيبوار گهٽتائي ٿي رهي آهي. غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف ??ان هلندڙ مهيني اسٽينڊ بائي معاهدي جي 1.1 ارب ڊالر جي آخري قسط ملي ويندي. ناڻي وارو وزير پنهنجي ٽيم ساان گڏ آمريڪا جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي جتي ان جون نئين پروگرام جي لاءِ آءِ ايم ايف عملدارن ??ان ملاقاتون ٿينديون. آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو نئون پروگرام ضروري آهي جنهن ??ان معيشت ۾ استحڪام ايندو ۽ عالمي ادارن جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ا??ان اعتماد ??ان ڪم ڪري سگهنداسين. آءِ ايم ايف جون شرطون ايتريون آ??ان ته نه هونديون پر ا??ان جي اها سوچ ۽ منصوبو آهي ته غريب ماڻهو ۽ اڳ کا?? ٽيڪس ڏيندڙن تي بار گهٽ کا?? گهٽ پوي ۽ اهو بار انهن تي وڌو وڃي جيڪي اهو بار کڻي سگهن ٿا. حڪومت غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي تيزي ??ان ڪم ٿي رهيو آهي، اميد آهي ته هلندڙ مهيني ئي ڪنسلٽنٽس مقرر ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي حوالي ??ان پڻ اجلاس ٿي چڪو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي تمام گهڻي گنجائش آهي. آءِ ٽي ??ي شعبي ۾ ترقي جي حوالي ??ان حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي سميت خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري جي حوالي ??ان جيڪي قدم کنيا ويا آهن انهن تي عملدرآمد ٿيندو، اميد آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جو جيڪو شيڊيول طئي ڪيو ويو آهي ان تي عملدرآمد ٿيندو. ان کا??سواءِ ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي ??ان فيصلا ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ ترڪيه جي هڪ ڪمپني جا عملدار 6 تاريخ تي پاڪستان پهچي رهيا آهن. دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ مون ??ان انهن جون ملاقاتون ٿينديون. انهن کي پاڪستان ۾ ان حوالي ??ان موجود صلاحيت ۽ موقعن بابت آگاهه ڪيو ويندو. ا??ان اهو طئي ڪيو آهي ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي هتي گهرايو ويندو ۽ جيڪي نه اچي سگهندا بعد ۾ عيد کا??پوءِ ا??ان جي ٽيم انهن ??ان ملاقاتون اتي وڃي ڪندي. وزيراعظم چيو ته آئوٽ سورسنگ جي حوالي ??ان رڳو اسلام آباد ايئرپورٽ کي غور هيٺ آندو ويو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي سهولتون تمام محدود ٿي ويون آهن ۽ مسافرن کي تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي. ڪراچي ايئرپورٽ جي حوالي ??ان پڻ اجلاس طلب ڪيو ويندو ۽ قدمن تي غور ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته چيني سفير ??ان گڏ هن داسو جو دورو ڪيو. چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن ??ان منهنجي ملاقات ٿي انهن کي تسلي ڏني، چيني وفد جي گهرو وزير ۽ پرڏيهي وزير ??ان پڻ ملاقات ٿي آهي. مارجي ويلن جا مڙهه ايئرفورس جي جهاز جي ذريعي چين پهچايا ويا. صوبن ??ان گڏجي چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو ويندو.