اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ان جي اس??حڪام ۽ سلامتي کي نقصان پ??چائي ٿو. بيان موجب اها عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقانوني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اس??ائيلي فو?? جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم اس??حڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. تر??مان پ??هنجي بيان ۾ چيو ته اس??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اس??ائيل کي خطي ۾ ان جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.