اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غيرقانوني سرگرمين جي دائري جي خلاف قدمن جي حوالي سان اجلاس ٿيو ج??هن ۾ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيف آف آر??ي اسٽاف، صوبائ?? وڏن وزيرن ۽ اعليٰ سطحي جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ڏوهاري مافيا ۽ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف قدم هئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ڏوهاري مافيا، اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ غيرقانوني پرڏيهين جي وطن واپسي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن ا??هن قدمن جي پاڪستان جي عوام جي بهتري، اقتصادي ۽ فلاحي خوشحالي جي حوالي سان ا??هن قدمن جي مثبت اثرن کي ساراهي??. ا??لاس جي شرڪت ڪندڙن اسمگلرن، ذخيره اندوزن ۽ مارڪيٽ اجاره دارن جي خلاف ڪارروائي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ج??هن سان عام شهرين کي فوري ريليف جي فراهمي ۽ معاشي بهتري حاصل ٿي سگهي. اجلاس بجلي چوري جي خاتمي جي پاليسي، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي جديد بنيادن تي نئين سر جوڙجڪ، بجلي چوري جي مڪمل خاتمي لاءِ سمارٽ ميٽرز هڻڻ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي حڪمن تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ معاهدن جي منظوري ڏني. چيف آف آر??ي اسٽاف اجلاس کي پاڪستان آر??ي پاران ملڪ جي معاشي بحالي جي حڪومتي قدمن جي لاءِ ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم سمورين ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي غيرقانوني سرگرمين ۽ ڏوهاري مافيا کي مقرر مدي جي اندر سزائون يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدم ڀرپور انداز ۾ کڻن.