اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چ??و آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻندي، اسان کي ??ڪومتي خرچن کي گهٽ ڪ??ڻو آهي، ملڪي معيشت ۾ بهتري آڻڻي آهي. هو ايوان صدر ۾ حلف برداري واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو آهي. معاشي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته وزيراعظم اڳتي جي حڪمت عملي ڏيندو، اسان ??ن تي عملدرآمد يقيني بڻائينداسين.