لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان انٽرنيٽ ۽ موبا??يل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان ??وق??ي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبا??يل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن موبا??يل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ ۽ موبا??يل سروس بند هوندي ته پولنگ ايج??ٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ تي آهي، تنهن ڪري اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري انٽرنيٽ سروس ۽ موبا??يل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان ??وق??ي تي ساڻس گڏ هئا.