اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ نگران وفاقي گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز جي وچ ۾ ملاقات ٿي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊاڪٽر گوهر اعجاز کي گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن 8 فيبروري جي عام چو??ڊن جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چو??ڊون پرامن ۽ شفاف طريقي سان منعقد ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سيڪيورٽي انتظامن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ مڪمل تع??ون آهي. ملاقات ۾ چو??ڊن دوران ميڊيا جي ذميوارين بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ پارليامان?? معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چو??ڊن کي شفاف منصفاڻو بڻائ?? ۾ ??يڊيا جو اهم ڪردار آهي، ميڊيا چو??ڊ ضابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪري. هن چيو ته چو??ڊن ۾ ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيزي ۽ پروپئگنڊه کان پاسو ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته سموريون سياسي پارٽيون چو??ڊن ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته چو??ڊن دوران امن امان هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ريديو پاڪستان سعيد احمد شيخ پڻ موجود هئا.