اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (وچ اوڀر) رضوان سع??د شيخ مصر جي دوري جي موقعي تي گذريل ڏينهن مصر جي ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير احمد شاهين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير ساجد بلال پڻ موجود هو. ڌرين سيا??ي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن سميت ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع معاملن جو جائزو ورتو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ايندڙ دور جي اجلاس ۽ هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ سالياني ٻطرف?? مشاورت منعقد ڪرڻ شامل آهي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير 9 کان 11 جنوري تي قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ چوٿين پاڪستان – آفريقا واپاري ترقي ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو جيڪا سفارتي لاڳاپن جي قيا?? جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي. هن پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.