اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آبا?? ۾ ??ي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پا??لي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسلام آبا?? ۾ ??ختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو ر??و ڏنڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه جيترو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي چونڊ استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته اها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسلام آبا?? ۾ ??ي فلٽريشن پلانٽ هنيا ويا آهن.