ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بلوچستا?? جو اصل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بلوچستان روشن روايت?? جو امين آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پرو??را?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ن??را?? وزيراعظم چيو ته هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بلوچي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بلوچستان ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره برادري سان اسا?? جون محبتون پراڻيون آهن، بلوچستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هزاره برادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ شهيد?? جو آهي، دهشتگردن بلوچستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بلوچستا?? جو اصل سرمايو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بلوچستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي سڃاڻپ?? جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بلوچستان به نسلن ۽ قبيل?? جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بلوچستان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بلوچستان جي هزاره برادري کي ساراهيندي چيو ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انه?? جو ڪردار اهم آهي. هزاره برادري جي نمايان شخصيتن ۾ بلوچستا?? جو اڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. ن??را?? وزيراعظم بلوچستان ۽ پاڪستان کي ام?? جو گهوارو ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. ن??را?? وزيراعظم هزاره برادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پرو??را?? جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته باصلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي ا??تع??ال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پرو??را??ن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پرو??را?? جي تاريخي شروعات تي ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان علائقائي پرو??را?? جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بلوچي لباس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.