اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي استاد نثار احمد س??ن ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي ۾ استادن جو ڪردار ناقابل فراموش ه??ندو آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري تڏهن ئي اچي سگهندي جڏهن تجربيڪار استاد انهن جي سرپرستي ڪندا. هن چيو ته تعليم سان گڏوگڏ نوجوانن ۾ نظم ۽ ضبط جي تربيت انهن جي ڪرداسازي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي، قائداعظم به ايمان ۽ ا??حاد س??ن گڏوگڏ نظم ۽ ضبط جي تلقين ڪئي هئي ڇو ته رڳو هڪ منظم قوم ئي پنهنجي ۽ دنيا جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.