اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ آگاهي جي لاءِ حڪومت ۽ معاشري ۾ تعاون لازمي آهي، گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ زارا هيلپ لائين ”1099“ جي حوالي سان آگاهي ضروري آهي. ا??وا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع (زارا) لاڳو ڪرڻ بابت ا??وا?? صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي اغوا ٿيل ۽ گم ٿيل ٻارن جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سول سو??ائٽي، اين جي اوز، قومي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته زينب الرٽ ايڪٽ بابت مقامي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته گم ٿيل ٻارن بابت شڪايتن ۽ ايف آءِ آر جي وقت سر داخلا يق??ني بڻائڻ پوليس عملدارن جي ذميواري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ زينب الرٽ ايڪٽ لاڳو ڪرڻ کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته گم ٿيل ٻارن جي شڪايتن تي مقامي پوليس جي ريسپانس ٽائيم کي بهتر بڻائڻ گهرجي، مقامي پوليس گم ٿيل ٻارن جي ڳولا جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. هن چيو ته ڪنهن ٻار جي گ??شدگي کانپوءِ جا شروعاتي 24 ڪلاڪ ڳولا ۾ انتهائي اهم هوندا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته متاثر ٻارن ۽ انهن جي خاندانن کي نفسياتي ۽ سماجي مشاورت فراهم ڪرڻ جي معاملي تي پڻ تعاون گهربل آهي. هن چيو ته گم ٿيل ٻارن جي حفاظت ۽ ڳولا جي لاءِ سول سو??ائٽي ۽ سرڪاري ادارا گڏيل تعاون کي فروغ ڏين. هن چيو ته زارا ايڪٽ جي صوبائي ۽ ضلعي سطح تي لاڳو ٿيڻ ۾ ايندڙ خا??ين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر هدايت ڪئي ته ان حوالي سان سول سو??ائٽي ۽ اين جي اوز سان مشاورت کانپوءِ بهتري جي لاءِ سڌاراجاتي قدم کنيا وڃن، مناسب وسيلا ۽ ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪري زارا جي ڪوريج کي پوري ملڪ تائين وڌايو وڃي. هن چيو ته هيلپ لائين 1099، وزيراعظم سٽيزن پورٽل ۽ زارا ايپ تي گ?? ٿيل ٻارن بابت الرٽس ۽ شڪايتن جي بهتر انتظام کي يق??ني بڻايو وڃي، گم ٿيل ٻارن جي معاملن تي شڪايت ڪندڙن کي 24 ڪلاڪ/7 ڏينهن سروس جي فراهمي ضروري آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهه ڏنو خواجه، ڊائريڪٽر زارا، ٻارن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.