اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيور??ڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??يف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو د??رو ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسان جي شاگردن جي پريڪٽيڪل ناليج تي به زور ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪري??ن، دنياوي علم ه??ڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به ه??ڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد اسان جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شاگردن جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پ??رو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن شاگردن جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.