نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم، گڏيل قومن ۾ پ??ڪس??ان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پ??ڪس??اني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پ??ڪس??اني نگران وزيراعظم هوندو. 19 کا?? 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پاران ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجهندو. ان کا??سواءِ نگران وزيراعظم مختلف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگران پرڏي??ي وزير جليل عباس جيلاني اڳ ۾ ئي نيويارڪ پهچي چڪو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پ??ڪس??ان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران وزيراعظم هوندو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پ??ڪس??ان جي سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سفير منير اڪرم چيو ته نگران وزيراعظم ايس ڊي جيز جي لاءِ فنان??نگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پ??ڪس??اني سفير وڌيڪ چيو ته نگران وزيراعظم ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪندو. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀارت جو پرڏي??ي وزير ايس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪندو.