اسلام آباد-05 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاق پاڪستان جي استحڪام لاءِ اڄ هڪ عظيم ڏينهن ??هي?? گڏيل مفادن واري ڪائونسل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه طور منظوري ڏني ??هي?? هن وڏي سرگرمي ??و حصو بڻجڻ تي سمورن ادارن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ستين ڊجيٽل آدمشماري جي منظوري لاءِ رٿيل اجلاس ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن خاص دعوت تي شرڪت ڪئي، جنهن جو مقصد اتفاق راءِ سان قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي پي ڊي ايم حڪومت جي موقف موجب غور ويچار ڪرڻ هو. آدمشماري جي متفقه طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظوري ڏني ??هي?? آدمشماري جو پورو عمل مشاورتي ڪميٽي جي نگراني ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن، ناليوارن شمارياتدانن، سميت سمورين ڌرين جي نمائندگي هئي، ناد??ا، اين ٽي سي ۽ سپارڪو هن عمل کي انتهائي شفاف، معتبر ۽ موثر طريقي سان انجام ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي. هي پاڪستان جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري هئي. وزيراعظم چيو ته مون لاڳاپيل وزارتن، صوبائي وڏن وزيرن، صوبائي حڪومتن، ناد??ا، سپارڪو، اين ٽي سي، هٿياربند فوج، پوليس ۽ سڀ کان وڌي ڪري استادن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جن هن وڏي سرگرمي ۾ حصو ورتو ۽ بي پناهه قومي ??دمتون سرانجام ڏنيون.