اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي با??و آذربائيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب با??و پهچڻ تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم ??و شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم ??و وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آذربائيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم ??ڀاڻي (15 جون 2023ع) تي با??و ۾ آذربائيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم ??ذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ??ي صدر الهام عليوف سان ملاقات ??يندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم ??ان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات ??ڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49