ا??لا?? آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو قبضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي ??مل??رآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ا??لا?? آباد ۾ عورت شهري جي 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا قبضو ڪري رکيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪن??ڙ منور بي بي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخ?? ڪرائي هئي ته ملڪ عبدالمجيد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪري رکيو آهي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي قبضو بحا?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالمجيد وفاقي محتسب کي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي جنهن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ديڊ جي ذريعي ملڪيت منتقل ڪئي وئي. فيصلي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جو قبضو بحا?? ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلاٽ جي بحالي جي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا وڃن. بعد ۾ عبدالمجيد محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر عبدالمجيد ۽ ٻين جي اپيل دير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اپيل حڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخ?? ڪرڻ گهرجي ها. صدر چيو ته درخواستگذارن حڪم وصو?? ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو دير سان داخل ڪئي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي حڪمن تي ??مل??رآمد ڪرائي.