اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن سان تصوير شيئر ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام وچ ۾ عظيم رشتي جي هڪ نهايت ئي خوبصورت علامت قرار ڏنو آهي. سعودي عرب جي ولي عهد سان م??اق??ت جي موقعي تي بڻايل تصوير کي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي شيئر ڪندي صدر مملڪت ڪالهه پنهنجي هڪ ٽ??ئيٽ ۾ چيو ته ٻن ڀائرن جي چهرن جي رونق ۽ پيار ڀري مسڪراهٽ کان وڌي محبت واري رشتي جو اظهار نٿو ٿي سگهي. ماشاء الله.