پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس پي پلس جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپ?? ڪميشن جي سربراهه ارس??لا وان ڊيرليين سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم هلندڙ سال 9 جنوري ي جنيوا ۾ منعقد ”ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس“ ۾ شرڪت تي يورپ?? ڪميشن جي سربراهه جا ٿورا مڃيا. هن يورپي ادارن سان گڏجي ٻ??ڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪندي يورپ?? ڪميشن جي سربراهه کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. جي ايس پي پلس جي اهميت جو حوالو ڏيندي وزيراعظم ??ن جي ٽريڪ تي هجڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان ڏس ۾ مضبوط سياسي عزم موجود آهي. يورپ?? ڪميشن جي صدر 2022ع جي ٻ??ڏ کان بحالي جي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. هن جي ايس پي پلس سميت يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري تعاون جي سطح کي ساراهيو.