اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ??ن موقعي تي بي اي پي بجيٽ اجلاس ۾ ش??ڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان عوامي پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ ش??ڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حسين مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حسن بلوچ، اسحاق ڊار، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪميٽي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي تفصيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پي?? ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي س??ن مشروط آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي، بلوچستان عوامي پارٽي س??ن مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي د??چسپي ۽ خصوصي قدمن تي ان کي خراج تحسين پي?? ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد حسين مگسي ۽ سينيٽر نصيب الله باز??ي پڻ ش??ڪت ڪئي.