اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ??رقي جا انقلابي پروگرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بجيٽ 24 – 2023ع ۾ نوجوانن، عورتن ۽ زرعي ٽ??وب ويلز بابت خصوصي منصوبن جي لاءِ رقم رکي ويندي، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ملندا، تعليم ۽ اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ٺاهيا ويندا. پنجاب انڊومنٽ فنڊ جي ??رز تي ”تعليم بابت پاڪستان انڊومنٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي اهي، ان فنڊ سان سڄي ملڪ جي ??هين پر غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏنا ويندا. نوجوانن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي لاءِ وڏي رقم رکي وئي آهي. نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف هنر سيکارڻ جي لاءِ وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. نوجوانن کي هڪ لک مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي جي لاءِ رقم پڻ بجيٽ ۾ رکي وئي آهي. آءِ ٽي جي ??عبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مالي مدد ڪئي ويندي. نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ اسپورٽس سرگرمين جي ??وصلا افزائي جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام جي لاءِ رقم رکي وئي آهي. زرعي ٽ??وب ويلز جي ??مسي توانائي تي منتقلي پروگرام جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي، زرعي ٽ??وب ويلز جي ??مسي توانائي تي منتقلي وزيراعظم جي ??بادگار پ??ڪيج جي ٻئي حصي طور ڪئي ويندي.