ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استاد?? جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري استاد?? جي قتل جي واقعن تي پنهنجي ردعمل ۾ زور ڏنو ته وا??عي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانو?? جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا وا??عي بابت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقع?? جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري م??اث?? خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ۽ مارجي ويل استاد?? جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.