اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳاله??ن جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته چونڊون بهرحال ٿيڻيون ئي آهن، چونڊون نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس جواز نه آهي، پاڪ فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ويو آهي ته فوج غيرسياسي ادارو آهي، عوام پاڻ رستن تي نه ٿي اچي پر سياستدان آئ??ن جي تحفظ جي لاءِ انهن کي متحرڪ ڪن ٿا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين کان ڪنهن به صورت ۾ انحراف نه ٿيڻ گهرجي، اهو چيو پيو وڃي ته چون??ن جي لاءِ پئسا نه آهن پر ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ملڪ جي اندر حالتون خراب نه آهن ۽ نه ئي جنگ ٿي رهي آهي جو چونڊون نه ٿي سگهن، ان حوالي سان ڪو جواز قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه دو??ان به وقت تي چونڊون ڪرايون ويون اهو طرزعمل جمهوري قدرن کي وڌيڪ سگهه ڏي ??و. ??مهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اصولن تي ڪاربند رهيو وڃي. هن چيو ته هو گذريل 10، 15 سالن کان شفاف چون??ن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي حمايت ڪري رهيو آ??ي پر ان ڏس ۾ لاڳاپيل فورم پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو انهي جي ڪري هر اليڪشن کانپوءِ ڌانڌلي جا آواز اٿن ٿا. هن چيو ته جيڪي قومون دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجا مسئلا حل حل نه ٿيون ڪري سگهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿيون. هن چيو ته 250 کان وڌيڪ بل مون وٽ موڪليا ويا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بل سميت ڪجهه بلن تي مون کي خدشا هئا جيڪي منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دو?? ۾ مديني جي رياست ته نه ٺهي سگ??ي پر رخ جو تعين ٿيڻ به اهم هوندو آهي. هن چيو ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ آ??ي پر ان بنياد تي مون هن عهدي جي تضحيڪ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني آهي.