اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آئ??ن جي گول??ن جوبلي ڪنوينشن آئ??ن جي نصاب ۾ شموليت جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قرارداد پيش ڪئي. قرارداد پيش ??رڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڪميٽي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ڪري پهريون ڀيرو باقاعده پارليامينٽ مان قرارداد پيش ??رڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نصاب ۾ آئين، جمهوري قدرن، روايتن ۽ آئيني نظام کي نصاب شامل ڪيو پيو وڃي، هي تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ته تاريخ جو رخ صحيح ??رڻ وڃي رهيا آهيون، حقيقي تاريخ پاڪستان جي عوام کان لڪاي?? اسان ان کي نصاب ۾ شامل ??رڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽس جو سفر شروع ڪيو هو اڄ ان جو تاريخي رخ مڪمل ٿي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽيس 250 تائين پهچي چڪي آهي، اسڪول ۽ يونيورسٽي جا ٻار پارليامينٽ ۾ انٽرنشپ ڪن ٿا. قرارداد پيش ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي عزم ڪري ٿو ته آئين ۽ جمهوري شهري تعليم کي صوبائي حڪ??متن جي ڪنٽرول هيٺ سمورن اسڪولن، ڪاليجن، ي??نيورسٽين ۽ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيتي ادارن جي نصاب ۽ تعليمي سرگرم??ن جو لازمي حصو بڻايو ويندو. 1973ع جي آيئن ۾ ڏنل بنيادي حقن، پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري اڳڀرائي جي غيرجانبداراڻي اظهار سان گڏ صوبن جي اسڪولن/ ڪاليجن/ يوينورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ لاڳاپيل مضمونن جي نصاب ڪتب (جهڙوڪ پاڪستان اسٽڊيز، هسٽري، يا سوش?? اسٽڊيز، اردو، انگريزي يا ڪو ٻيو) ۾ شامل ڪيا ويندا تعليمي ڪئمپسز ۾ غير ۽ هم نصابي سرگرميون پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آئيني نظام بابت موضوعن کي استحقاق ڏينديون. عوامي خدمت جا نشرياتي ادارا ۽ آزاد نجي ميڊيا پنهنجي عوامي خدمت جي ذميوارين تحت شهرين ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ فعال معاهدي طور تي آئين ۽ ان جي موزونيت بابت افهام تفهيم وڌائڻ جي لاءِ مناسب وقت وقف ڪندا. صوبائي حڪ??متون آئ??ن جي اهميت بابت شعور اجاگر ??رڻ ۽ ان جي تحفظ جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستاني عوام تائين پهچ حاصل ڪنديون. هي ايوان 18 هين آئيني ترميم تحت ان آئيني شق جي حقيقي روح کي برقرار رکڻ جو عزم ڪري ٿو جنهن تحت تعليم جو موضوع صوبن کي ڏنو ويو آهي. ان لاءِ هي ايوان صوبائي حڪ??متن تي زور ڏي ٿو ته اهي ضروري ڪارروائي ۽ گهربل ضروري ڪم ڪن. وفاقي حڪ??مت سمورين صوبائي حڪ??متن ۽ وفاقي اڪائ??ن جي حڪ??متن تي زور ڏيندي ته اهي ان قرارداد تي عملدرآمد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته آئ??ن جي اهميت ۽ ان جي نمايان نقطن جو مطالعو خاص طور تي انساني حقن (ٻارن، عورتن، اقليتن، مناسب عمل ۽ عالمي انساني حقن جي ذميوارين) ۽ اختيارن جي تثليٽ بابت ڪورسز صوبن جي سمورن تعليمي ادارن جي نصاب ۾ شامل هجن. ڪنوينشن ان قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.