ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀ??و زرداري پريس ??لب ملتان جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بل??ول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بل??ول ڀ??و زرداري نئين چونڊيل صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽري نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ سيڪريٽريز رائو محمد آصف، اياز علي شيخ، خازن فرحان ملغاڻي سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بل??ول ڀ??و زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پريس ??لب ملتان جي سمورن ميمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته ملتان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ڪردار نڀايو آهي.