ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قائم ڪيل رليف ??ميٽيءَ جو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪاني کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عب??س، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن وا??ي وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته ??هر?? مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته فلاحي ادارن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪاني کاتي وا??ي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻُڌايو ته ??هر?? مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته زمينن کي بچائڻ لاءِ ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آهي، جڏهن ته ??هر?? آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وا??و ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اين ڊي ايم اي ?? پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪا امداد پاڪستان کي ملي رهي آهي اها اين ڊي ايم اي ۽ وفاق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چيو ته منڇر مان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وا??ثن کي حڪومت طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آهي، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آهي.