اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??نس??ني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو تر??ن ڏينهن آهي، ڀارت ??ال??ي قانونن، اخلاقيات کي پيرن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي ??نس??ني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. ڪشميري ??ال??ي دنيا، ??نس??ني حقن جي ??ال??ي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.