اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ راءِ ڪوٽ سيڪشن)، بابو سر ٽنل ۽ خضدار ڪچلاڪ روڊ تي ڪم جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن لاءِ ڪنٽريڪٽ ڏيڻ جي طريقيڪار کي وڌيڪ شفاف بڻا??و وڃي، گذريل چئن سالن ۾ ترقي جو سفر مجرماڻي غفلت جي نتيجي ۾ ر??ڪي?? ويو، عالمي ڪمپنين جي تصديق لاءِ پاڪستاني سفارتخانن کان مدد حاصل ڪئي وڃي، ملڪ ترقياتي منصوبن ۾ وڌيڪ رنڊڪ جو سٽ نٿو سگهي ٿي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جار?? شاهراهن جي تعميراتي منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ، مولانا اسعد محمود، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيمه، اين ايڇ اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ پر??ڪي??منٽ جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏني ۽ چيو ته لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ قوم جو وقت ۽ پئسو بچائڻ جي هر ممڪن ڪوششن ڪن، وزيراعظم کي سکر حيدرآباد موٽر وي منص??بي جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪ??و ويو، اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ايم سڪس سکر حيدرآباد موٽر وي ڪراچي پشاور موٽروي جو اهم سيڪشن آهي جنهن تي ڪم گذريل حڪومت جي سستي جي ڪري دير جو شڪار رهيو، 306 ڪلوميٽر ڊگهو 6 لائين واري موٽر وي 15 انٽرچينجز س??ن 6 ضلعن مان گذرندو، موٽر وي جي قيام سان سفر جو وقت گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻارڻ جي بچت ۽ پوري پاڪستان کان برآمدات جي ڪراچي بندرگاهن تائين پهچ ۾ آساني پيدا ٿيندي، منص??بي جتي ڪم 6 مهينن جي اندر شروع ڪ??و ويندو جنهن جي تڪميل 2.5 سال ۾ ٿيندي، 250 ڪلوميٽر قراقرم هاءِ وي (ٿاڪوٽ راءِ ڪوٽ سيڪشن) جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ان جي فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم جاري آهي جنهن کي 7 مهينن دوران مڪمل ڪ??و ويندو جنهن سان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپاري ٽريفڪ جي وهڪري ۾ آساني ۽ داسو ۽ ديامرڀاشا ڊيمز جي تعمير جي ڪري متبادل رستو ميسر ٿيندو، بابو سر ٽنل جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته ٽنل کانسواءِ 66 ڪلوميٽر روڊ جي مڪمل سيڪشن تعمير ۽ موجوده روڊ جي بحالي جو ڪم ڪ??و ويندو، شاهراهه جي ان حصي ۾ سردي جي موسم جي برفباري دوران ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ رواني لاءِ سنوگيلريز به تعيمر ڪئي ويندي، وزيراعظم ان منص??بي کي اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي عالمي معيار موجب منص??بي جي تڪميل جون هدايتون جاري ڪيون، وزيراعظم کي پر??ڪي??رمنٽ جي طريقيڪار جي حوالي سان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم پر??ڪي??رمنٽ جي طريقيڪار کي بهتر ۽ موثر بڻائڻ لاءِ جامع تجويزون جوڙڻ لاءِ 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ڪميٽي ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير، هائوسنگ وارو وزير، ايم ڊي پيپرا، پي اي سي جو چيئرمين شامل هوندا، وزيراعظم ڪميٽي کي هڪ مهيني اندر لائحه عمل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.