اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني پر??يهي وزير ڊاڪٽر امير ??بد??لهيان جي دعوت تي اڄ اڱاري ڏينهن ايران جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو، هو ايران جي صدر سان ملاقات کانسواءِ ملڪ جي ٻين اهم شخصيتن سان به ملاقات ڪندو. پر??يهي وزير 15 جون تي مشهد جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ ايران وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين دوران ٻطرفن لا??اپ?? جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا جنهن ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، ايران کان بجلي جي فراهمي، سرحدي غذائي منڊين، روڊ ۽ ريل رابطي ۽ زائرين جون سهولتون شامل آهن، ٻئي ملڪ ڳالهين ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال جو به جائزو وٺندا جنهن ۾ خاص ط??ر تي افغانستان سميت ڏکڻ ايشيا جي مجموعي صورتحا?? سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ايران جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي جي باقاعدي مٽاسٽا جو حصو آهي، ٻنهي پر??يهي وزيرن جي وچ ۾ آخري ملاقات 26 مئي تي ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس جي موقعي تي ٿي هئي، پاڪستان ۽ ايران گڏيل جاگرافيائي، ثقافتي وابستگين ۽ تاريخي رابطن جي بنياد تي ويجهي عوامي لا??اپ?? ۾ ڳنڍيل آهن، هي ڀائراڻا لاڳاپا سراسري اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن 2022ع ۾ سفارتي لا??اپ?? جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن.