اسلام آ??اد – 03 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف ??يو آهي ته دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي دور?? جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لا??اپ?? واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ??مانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وز??راعظم شهباز شريف ??مانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وز??راعظم شهباز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وز??راعظم شهباز شريف ??يو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وز??راعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وز??راعظم چيو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.