اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب انهن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان ملاقات دوران ??ال??ائيندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آفيسرن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي وزير ان موقع?? تي پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي انهن جي ذاتي ۽ پيشيوراڻي ڀلائي لاءِ پنهنج?? مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود به ان موقع?? تي موجود هو.