اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پل??ننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي تعطل جو شڪار ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن پل??ننگ ڪميشن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٺوس ??نصوبابندي سان ٺوس ??اليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي معاشي، ??قتصادي ترقي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته وزارتون ۽ ڊويزنون گڏيل تعاون کي يقيني بڻائين. هن چيو ته عوامي فلاحي منصوبا وڌيڪ غفلت ۽ نظراندازي جو شڪار نه ٿيندا، ترقي جو سفر اتان شروع آهي، ??تان رڪيو هو، ملڪ ۽ قوم جو هڪ رپيو به ??اي?? نه ٿيڻ ڏينداسين.