اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ س??ن تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??لا??ات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، علي عزيز، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.