اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ?? خودمختياري جي لاءِ پاڪستان ج?? حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين ??ر تعمير جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين ??جلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ??نهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي ??ابستگين ??ان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ?? خودمختياري جي لاءِ پاڪستان ج?? حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ??و اعتراف ڪيو. وزيراعظم چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين ??ر تعمير جي ڪوششن ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.