اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ اف??انستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اف??انين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد اف??ان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چ??رٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ته فنڊ جي قيام جو مقصد اف??ان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چيو ته اسان کي اف??انستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ته اسلامي ملڪن جي تنظيم اف??ان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻند??. ه?? چيو ته اف??انستان ۾ حڪومت ج?? تبديلي کانپوءِ اف??ان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آه??. ه?? چيو ته اسان اف??ان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد اف??ان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو اف??ان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.